اسلام آ??اد – 07 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪ??اڪ?? دوران سڀ کا?? وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کا??پوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪ??اڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب 50 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 482 مريضن جا ٽ??سٽ پازيٽو آيا ۽ 50 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 45 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کا?? ملتان ۾ 45 سيڪڙو، اسلام آ????د ۾ 30 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن واري بسترن تي اسلام آ????د ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 54 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪ??اڪ?? دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 509 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 699، پنجاب ۾ 15 هزار 562، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 798، اسلام آ????د ۾ 5 هزار 167، بلوچستان ۾ 599، گلگت بلتستان ۾ 413، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔