اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته ڪشمير مسئلي تي پوري قوم ۽ پارليامينٽ هڪ آهي، ڀارت ڪشمير جي مسئلي تي ??ه ته ٽئين ڌر جي ثالثي مڃي ٿو ۽ نه ئي ٻط??فين ڳالهين لاءِ تيار آهي، اسان کي ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 10 هزار فورس موڪلڻ جي اطلاع تي ڳڻت?? آهي جنهن کي اسان هر سطح تي اٿارينداسين. ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين سيد فخر امام سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير جي ڳنڀير صورتحال جي ڏس ۾ پارليامينٽ جي ڪشمير ڪميٽي جو خصوصي اجلاس چيئرمين سيد فخر امام جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسان ڪشمير جي صورتحال ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری