سمبڙيال – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خص??صي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آه?? ته عمران خان سدائين پيڙهيل طبقي جي بهتري لاءِ ڳالهه ڪئي آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ عوام عمران خان جو آواز بڻجي، 35 سال هن ملڪ کي اڏوهي وانگر کائيندڙ بيروزگاري ۽ مهانگائي جا ذميوار آهن، اهي اڄ اسان کان 8 مهينن جي حڪومت جو حساب گهري رهيا آهن، عوام عمران خان کي ڦورن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ جو مينڊيٽ ڏنو آهي. سمبڙيال پهچڻ تي شاندار استقبال جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان کي غريب عوام جي تڪليفن جو احساس آهي، عمران خان آبادگارن جي صورتحال کان به آگاهه آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ عوام عمران خان جو آواز بڻجي.
مضمون کا ماخذ : números quina hoje