اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ جي اقتصادي اوسر جي شرح ۾ اضافو، روزگار جي فراهمي جا موقعا وڌائڻ،غربت جي خاتمي ۽ عام ماڻهو جي حالت کي بهتر بڻائڻ جا قدم مستقبل جي حڪومتي حڪ??ت عملي جو حصو هوندا. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪ??مت سول ملازمن لاءِ بهتر پئڪيج ڏنو آهي ۽ 2 ايڊهاڪ رليف پگهار ۾ ضم ڪري ان تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو آهي جيڪو مجموعي طور تي اٽڪل 13 سيڪڙو ٿئي ٿو. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي هڪ سيڪڙو تائين گهٽ ڪيوويو آهي ۽ وڌيڪ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، 5 وڏن ايڪسپورٽ شعبن لاءِ ٽيڪس جي شرح کي زيرو ريٽيڊ ڪيو ويو آهي، 30 اپريل 2016ع تائين جي ريفنڊز جي بقايائن جي ادائيگي کي 31 آگسٽ تائين يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته صنعتي شعبي لاءِ مشي??ري ۽ ڪچي تيل جي آمدني واپار تي لاڳو ڊيوٽي 3 سيڪڙو گهٽ ڪئي ويندي.
اقتصادي اوسر جي شرح ۾ اضافو، حڪومتي حڪمت عملي جو حصو هوندا: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania