بيجنگ -07 نومبر (اي پي پي ) چين جي صدر شي جن پنگ ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر ٻ??هي ملڪن تي زور ڀريو ته هو نئين دور ۾ هڪٻئي سان گڏجي هلڻ جو رستوڳولين ته جئين ٻ??هي ملڪن ۽ وسيع تر دنيا کي فائدو پهچي. هن چيو ته مستحڪم مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپا ٻ??هي ملڪن جي گڏيل مفادن لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ عالمي برادري جي خواهشن تي پورو لهنداسين. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ٻئي ڌريون گڏيل احترام، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ کٽڻ واري سه??ار جي اصولن کي برقرار رکڻ سميت ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي کي مضبوط ڪنديون. اختلافن کي مناس?? طريقي سان منظم ڪنديون ۽ گڏيل فائديمند سه??ار کي وڌائينديون.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت