ڪينبرا-12 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا افغانستان ۾ جنگ وڙهندڙ ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيص??و ڪيو آهي ج?? جي يونٽ مبينه جنگي ڏوهن ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئا. پرڏيهي خابرو اداري ??وجب آسٽريلوي دفاع واري ??زير رچرڊ مارلس چيو ته اهو فيصلو ماضي جي غلطين جو ازالو ڪ??ڻ لاءِ ڪيو آهي. اهو فيصلو ان مخصوص يونٽ جي ڪمانڊرن بابت آهي جيڪي 2005ع ۽ 2016ع جي وچ ڌاري انچارج طور فرض سرانجام ڏئي رهيا هئا. ڪمانڊر جن جو انگ 10 کان گهٽ ٻڌايو ويو آهي، انهن کان ايوارڊز واپس ورتا ويندا، تنهن هونددي به رازداري جي اصولن تحت انهن جا نالا جاري ??ه ڪيا ويندا. هڪ سرڪاري انڪوائري ۾ 11 سال?? جي عرصي ۾ آسٽريليا جي ايليٽ اسپيشل فورسز هٿان افغانستان ۾ 39 شهرين ۽ قيدي?? جي مبينه غير قانوني قتل جي جاچ ڪئي وئي، 2020ع ۾ ٿيل جاچ ۾ آسٽريلوي فورسز طرفان موت جي سزا، لاش?? جي ڳڻپ ۽ تشدد جا الزام سامهون آيا هئا ۽ پوليس کي 19 ماڻهن خلاف جا?? جي سفارش ڪئي وئي هئي، انڪوائري ۾ 19 ماڻهن کي آسٽريلين فيڊرل پوليس حوالي ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي هئي پر اهو عمل دير جو شڪار آهي. اسٽريلوي دفاع واري ??زير چيو ته گذريل ڏينهن فيصلي ۾ شامل ڪمانڊرن کي انه?? جي يونٽس جي مبينه طور ڪيل جنگي ڏوهن بابت علم نه هو، پر انه?? جي حوالي سان اها اميد هئي ته کين معلوم ٿي ويندو ته ڇا ٿي رهيو آهي، هن چيو ته آسٽريليا هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڻ کي جوابده سمجهي ٿو، آسٽريليا جو گورنر جنرل اهو طئي ڪندو ته تمغا ڪيئن ۽ ڪڏهن واپس ورتا وڃن.
افغانستان ۾ جنگي ڏوهه ڪرڻ سبب آسٽريليا پاران ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر