تهران-16 جنوري (اي پي پي) ايران عراق ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. رائٽرز مطابق ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ايراني پاسداران انقلاب فورس عراق جي ??يم خودمختار علائقي ڪردستان ۾ اربيل ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو آهي. پاسداران انقلاب هڪ بيان ۾ اسرائيل جي جاسوسي ايجنسي موساد جو نالو کڻي چيو آهي ته جاسوسي جي ??رڪزن ۽ خطي ۾ ايران مخالف دهشت??رد گروهن کي اجتماعن کي تباهه ڪرڻ لاءِ بيلسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اربيل جي اتر اوڀر ۾ آمريڪي قونصل خاني ويجهو هڪ رهائشي علائقي ۾ انهن حملن کان علاوه ايران ۾ دهشت??رد ڪارروايون ڪندڙ فردن جن ۾ داعش جا ڪارڪن به شامل آهن، خلاف حملا شروع ڪيا آهن. هوڏانهن آمريڪا جي ??ن عهديدارن رائٽرز کي ٻُڌايو آهي ته ميزائل حملن س??ب آمريڪي ٺڪاڻن متاثر ناهن ٿيا. ايران آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته هو غزه ۾ اسرائيل جي ڏوهن جي ??ٺڀرائي ڪري رهيو آهي.
ايران جي پاسداران انقلاب طرفان ڪردستان ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن