دوحه- 06 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي اڳواڻن اس??ائيل ??رفان غزه ۾ عالمي قانونن جي کليل ??لاف ورزي جي مذمت ڪئي آهي، سربراهن خطي کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺندي چيو ته جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا. العريبيه نيوز موجب دوحه ۾ ٿيل ??ي سي سي جي 44 هين سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ اس??ائيل ??ي قدمن سان نه رڳو عالمي قانونن پر عالمي انساني ??انونن جي به کليل ??لاف ور??ي آهي، جي سي سي ملڪ غ??ه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهن. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب 6 ملڪي ڪائونسل جي ميمبرن اس??ائيل ??ي غزه ۾ جاري فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي جنهن سبب نه رڳو عام شهري بي گهر ٿيا پر سويلين انفراسٽرڪچر سميت رهائشي عمارتون، اسڪول، اسپتال ۽ عبادتگاهون تباهه ٿيون. ميمبرن طرفان اس??ائيل ??ي فلسطيني عوام خلاف کليل ??ارحيت تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ عزه ۾ جاري جنگ جي پکڙجڻ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ويو ته غزه جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ غزه ۾ فوري طور تي انساني ??مدردي جي بنيادن تي ٻيهر جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو.
غزه تي اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي، جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا: نار تعاون ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena