اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان افغانستا?? ۾ ??من چاهي ٿو، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران خان جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستا?? ۾ ??ورتحال مختلف هجي ها، نرين??ر مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي، ڪووڊ دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري نرين??ر مودي تي لاڳو ٿئي ٿي، قيام پاڪستان کان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، قوم يقين رکي عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي طرف گامزن آهي، پاڪستان جو مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي آزادي ڪپ 2021ع جي انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين سڄي ملڪ ۾ آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي، ا?? جو ميچ آزادي جي خوشي?? ۾ ??ضافي جو باعث بڻيو، اهي ميچز اسان جي آزادي جو ثمر آهن، پوري قوم کي آزادي جو مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قيام پاڪستان کان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، اسان لاچاري جي حالتن ۾ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو پر اڄ اسان وٽ بهترين گرائونڊز، سٺا رانديگر ۽ بهترين يونيورسٽيون موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ صرف هڪ هيوي انڊسٽري جو هڪ ڪارخانو هو، اڄ پاڪستان جيٽ جهاز تيار ڪندڙ 9 ملڪ?? ۾ ??امل آهن، اڄ اسان گاڏيون پاڻ تيار ڪري رهيا آهيون، اسان دنيا جي پنجين وڏي قوم آهيون، اسان جو شمار دنيا جي 7 ايٽمي طاقتن ۾ ٿيندو آهي، هن چيو ته اهي ڪاميابيون اسان کي آزادي جي نعمت جي ڪري مليون، ڪجهه ماڻهن کي مايوسي پکيڙڻ جي عادت هوندي آهي، هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان کي فيصل?? ۾ ??زادي حاصل ناهي، ته اهي هندستان ۽ پاڪستان جي مسلمانن جي حالتن جو مشاهدو ڪري وٺن، فرق پاڻ ئي سامهون اچي ويندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي آزادي جو قدر ڪندي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي وطن تي شهيد ٿيندڙن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي، جن جي قربانين جي ڪري اڄ اسان ڪرڪيٽ ميچ کيڏي رهيا آهيون ۽ امن سان زندگي گذاري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پنهنجي خوشي?? ۾ ??نهن شهيدن ۽ انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي جنهن پنهنجي زندگي ۾ مصيبتون ۽ ڏک ڏٺا، اڄ انهن جي قربانين جي ڪري اسان آزادي جهڙي نعمت مان لطف وٺي رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته قوم يقين رکي ته عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي، پاڪستان جو مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستا?? ۾ ??دلجندڙ صورتحا?? جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، عمران خان جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستا?? ۾ ??ورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته اسان افغانستا?? ۾ ??من چاهيون ٿا ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪابل ۾ سموريون ڌريون هڪ آئين ۽ قانون تي متفق ٿي وڃن ته جئين افغانستا?? ۾ ??من اچي سگهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نرين??ر مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي. ڪووڊ – 19 دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري نرين??ر مودي تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته ان وقت جڏهن دنيا ڪوورنا کي شڪست ڏيڻ جي ويجهو هئي، نرين??ر مودي جي غلط پاليسين جي ڪري ڊيلٽا وائرس پوري دنيا ۾ پکڙيو، اسان کي ڀارت جي عوام سان همدردي آهي.
پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد