اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاران ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ معاشي پاليسين جي تسلسل سان ڪاروباري طبقو، صنعتڪار، واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين سان واڳيل سڀ ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي فائدو کڻي رهيا آهن. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ ۾ 431 ارب ا??ب جُون ٽيڪس وصوليُون ٿيُون آهن جيڪي اڄ تائين جي سمورين وصولين کان وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته جولاءِ 2021ع ۾ ٽيڪس گوشوارن سان گ?? ٽيڪس ادائيگي ۾ 54 سيڪڙو، ڪسٽمز ڊيوٽيز ۾ 37 سيڪڙو، نيٽ روينيو ۾ 36 سيڪڙو، گراس روينيو ۾ 32 سيڪڙو، انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن ۾ 30 سيڪڙو ۽ ري??نڊ جاري ڪرڻ ۾ 26.6 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز 3.6 ا??ب جون اسمگل ٿيل شيون ضبط ڪيون.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز