ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۽ سياست جي ميدان ۾ شروعات ۾ کيس وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر هن حوصلو نه هاريو ۽ جدوجهد جا??ي رکي، جيڪو چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي اهو چيمپئين نٿو بڻجي س??هي?? راند اسان کي اهو ئي سبق ڏئي ٿي ته اسان کي ??مت ناهي هارڻي ?? جدوجهد جا??ي رکڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪن راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نامل راجا پاڪسي طرفان پنه??جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ سريلنڪا جي اسپورٽس ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته راندين جون سرگرميون اسان کي اهو سيکارينديون آهن جيڪو اسڪولن ۾ نصابي تعليم جي ذريعي نٿو سکي سگهجي. اهي اسان کي ??ختلف چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ، مقابلو ڪرڻ ۽ جدوجهد جو سبق ڏينديون آهن. هن چيو ته اهو ضروري ناهي ته سڀ کان قابل رانديگر ئي چئمپين بڻجي پر اصل رانديگر اهو هوندو آهي جيڪو ناڪامين ۽ هار مان سکي اڳتي وڌي ٿو ۽ حوصلو نٿو هاري، جنهن کي شڪست کي ??نهن ڏيڻ نٿو اچي اهو چئمپين نٿو بڻجي س??هي?? حوصلو هاريندڙ ڪڏهن به پنه??جي خوابن جي تعبير نٿو ماڻي س??هي?? زندگي ۾ جڏهن به شڪست درپيش هجي ته اسان لاءِ ان مان سکڻ جي لاءِ سبق هوندو آهي. هن چيو ته زندگي ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آهي، ڪاميابي اها ناهي هوندي ته توهان سٺو وقت ڪيئن گذاريو ٿا پر ڪاميابي اها هوندي آهي ته توهان بري وقت کي ڪيئن منهن ڏيو ٿا، ناڪامي سان ڪجهه ماڻهو حوصلو هاري ويندا آهن پر جيڪي ناڪامي مان سبق سکندا آهن ۽ جدوجهد ڪندا آهن اهي ئي اڳتي وڌندا آهن. رانديون اسان کي اهو ئي سبق ڏينديون آهن ته اسان کي ??مت ناهي هارڻي. هن چيو ته پنه??جي ڪيريئر جي شروعات ۾ گهڻو سٺو رانديگر نه هئس، جڏهن پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مون کي ڊراپ ڪيو ويو هو ۽ ٽن سالن تائين آئون ٽيم کان ٻاهر رهيس پر مون حوصلو نه هاريو ۽ ڪوشش جا??ي رکي، ڪيترائي ڪرڪيٽرز آهن جنهن کي ??ڪ ڀيرو جيڪڏهن ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو ته پوءِ هو ٻيهر ٽيم ۾ جا??ِ نه ٺاهي س??هي?? پر جيڪڏهن توهان ۾ ٽيلينٽ هجي ته پوءِ پنه??جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي واپس اچي سگهو ٿا.
ڪرڪيٽ ۽ سياست ۾ شروعات ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر حوصلو نه هاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات