اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال م??ڪ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ڀارت پاڪستاني سياسي پارٽين کي ورهائڻ چاهي ٿو، ڪرپشن جي خلاف جلسا ڪرڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ تي جلسا ڪندڙ ڪشمير مسئلي تي فوڪس ڪن، ڀارت کان شمله معاهدي بعد ڳالهين جا ڪيترائي دور ڏسي ورتا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن سان حل ڪرائڻو پوندو. اسلام آباد کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين ڪڍيل ڪشمير ر??لي کانپوءِ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي مشعال م??ڪ چيو ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ڀارت ۾ هندو توا ۽ آر ايس ايس جو راڄ آهي، ڪشميري اڳواڻ ٻيڙيون ساڙي چڪا آهن هاڻي آزادي کانسواءِ ڪجهه نه، سمورا ڪشميري گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ياسين ملڪ تهاڙ جيل جي ڊيٿ ??يل ۾ آهي، علي گيلاني جي حالت گهڻي خراب آهي، ڪشميري حريت پسند اڳواڻن ۽ قائداع??م جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪشميري 8 لک فوج جي گهيراءُ ۾ آهن.
ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو