اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن 78 هين پاڪستان جي ڏهاڙي تي ڀرپور دفاعي صلاحيت جو مظاهرو ڪندي شاندار گڏيل پريڊ جو انعقاد ڪيو جنهن ۾ پهريون ڀيرو متحده عرب امارات (يو اي اي) جي ??ستي، اردن جي ملٽري بينڊ، پيرا شوٽرز، ترڪي جي ??يئر فورس جي ??ستي پنهنجي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪئي جيڪا انهن ملڪن سا?? گهري گڏيل دوستي جو چٽو ثبوت آهي. پريڊ جو اعزازي مهمان سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا هو ۽ مصر جي مفتي اعظم خصوصي طور تي شرڪت ڪئي جڏهن ته انڊين دفاعي اتاشي پهريون ڀيرو تقريب ۾ شرڪت ڪئي، پاڪ فضائيه جي ??ربراهه ايئر چيف مارشل مج??هد انور فلائي پاسٽ جڏهن ته ايس ايس جي ڪمانڊنگ آفيسر ميجر جنرل طاهر مسعود ڀٽه فري فال جمپنگ جي قيادت ڪئي، پاڪ فضائيه جي ??ي ايف 17 ٿنڊر، ايف 16 ۽ شير دل فارميشن آسمان تي خوبصورت رنگ وکريندي خوبصورت فضائي ڪرتب جو مظاهرو ڪيو. جمعي ڏينهن 78 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر جي پريڊ گرائونڊ ۾ شاندار پريڊ جو انعقاد ڪيو ويو. صدر ممنون حسين ان تقريب جو خاص مهمان جڏهن ته سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا اعزازي مهمان هو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، بري فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل مج??هد انور، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي، دفاع وارو وزير انجنيئر خرد دستگير خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي ??مائندن، سفيرن، هاءِ ڪمشنرن، ميڊيا جي نمائندن ۽ پاڪستاني فنڪارن کانسواءِ عوام جي وڏي تعد??د پريڊ ۾ شرڪت ڪئي.
پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن پاران 78 هين پاڪستان جي ڏهاڙي تي ڀرپور دفاعي صلاحيت جو مظاهرو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ