بيجنگ – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراع??م شاهد خاقا?? عباسي ايشيا بابت بائو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي آچر ڏينهن چين جي ٻيٽ هينان جي ڏاکڻئي شهر سان يا پهچندو. سرڪاري ذريعن موجب پرڏيهي ??زير خواجه محمد آصف، گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد لغاري به وزيراعظم سان گڏ هوندا.ايشيا بائو فورم جي سالياني اجلاس کي خطاب کانسواءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۽ ان سان ٻه طرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ به ڪندو. وزيراعظم کي 8 کان 11 اپريل تا??ين منعقد بائو فورم فار ايشيا ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي، هلندڙ سال بائو فورم فار ايشيا جو موضوع ”عظيم خوشحالي لاءِ هڪ آزاد ۽ جدت رکندڙ ايشيا“ رکيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ