اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ پاڪ م??رينز جي قيام جا 27 سال مڪمل ٿيڻ تي مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ منهوڙي ۾ قائم پاڪ م??رينز جي هي??ڪو??رٽرز ۾ اهم تقريبن ۽ سرگرمين جو انعقاد ڪيو ويو، ڪمانڊر ڪ??سٽ ريئر ايڊمرل معظم الياس ان سلسلي جي مرڪزي تقريب جو خاص مهمان هو، هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پاڪ م??رينز جي دليراڻي ڪاررواين ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ هو، ان سلسلي ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ پاڪ م??رينز جي آفيسرن ۽ جوانن جي گهرڀاتين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سي پي اوز ۽ سيلرز جي حوصلن کي وڌيڪ بلند ۽ توانو ڪرڻ جي لاءِ دفاع وطن ۾ انهن جي ڪردار کي ساراهيو ويو ته جيئن هو وڌيڪ سگ??ه ۽ محنت سان ملڪ جي حفاظت جو فرض انجام ڏئي سگ??ن.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ