اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري چيو آهي ته معاشي سهڪاري تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ واپاري شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو. اي سي او جي تيرهين سربراهه اجلاس جي حوالي سان اسلام آ باد ڊڪليئريشن جو مسودو تيار ٿي چڪو آهي، 5 مل??ي سربراهه، 3 حڪوم??ي سربراهه، هڪ نائب وزيراعظم ۽ هڪ خصوصي سفارتڪار سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اي سي او عملدارن جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي پڄاڻي تي صحافين کي بريفنگ ??يندي اعزاز احمد چوڌري چيو ته اجلاس ۾ اي سي او جي تيرهين اجلاس جي ايجنڊا جي لاءِ سفارشون تيار ڪيون ويون آهن. انهن سفارشن کي اڄ اڱاري تي ڪائونسل آف منسٽرز جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري کانپوءِ اه?? سفارشون سربراهه اجلاس جي ايجنڊا جو حصو هونديون.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن