اسلام آ??اد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته خطي ۾ امن جو خواب ان وقت ئي شرمنده تعبير ٿي سگهي ٿو جڏهن ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي، ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي تڪرار آهي، خطي جا هڪ ارب 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو امن ۽ خوشحالي جي صبح جا منتظر آهن پر ڀارت پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير جي حل جي حوالي سان قراردادن تي عمل کان ا??ڪاري هجڻ سبب هو اها صبح نه ڏسي سگهيا. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پي??ام ۾ صدر چيو ته ڀارت نه رڳو تسلسل سان گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشميرين کي خودمختياري ج?? حق ڏيڻ کان ا??ڪار ڪري رهيو آهي پر هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، تشدد ۽ ڏاڍ ۾ ملوث آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ