برازيليا-18 نومبر (اي پي پي) ??رڪ??ه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آھي ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ??رڪ??ه صدر جي-20 سربراھي اجلاس جي سلسلي ۾ برازيل جي صدر لولادي سلوا سا?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??رڪ??ه جي صدر چيو ته ??رڪ??ه ۽ برازيل جي لاڳاپن جي ترقي ۾ اعليٰ سطحي ڳالھيون اھم آھن ۽ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ا??ٽر??ٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ ڪم جاري رھندو. ھن چيو ته اسرائيلي جارحيت خلاف برازيل جو موقف واکاڻ جوڳو آھي، ??رڪ??ه گڏيل قومن ۾ اسرائيل کي ھٿيار ۽ جنگي سا??ان جي وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي آھي ۽ ان سا?? گڏوگڏ فلسطين ۾ مستقل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراھمي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي حل لاءِ پنھنجي ھر ممڪن ڪوشش جاري رکندو. ھن چيو ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار کي روڪڻ ۾ ناڪام آھن ۽ بحرانن جي حل ۾ غير موثر ثابت ٿيون آھن. ھن برازيل جي، جي- 20 صدارتي اجلاس دوران عالمي انتظامي سڌارن کي ايجنڊا تي آڻڻ جي قدمن کي صحيح قرار ڏنو.
گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج