بيجنگ-30 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن کي پنهنجي خلائي ??سٽيشن ڏانهن روانو ڪري ??ڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽن چيني خلابازن جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، کي گذريل ڏينهن صبح جو تيانگونگ خلائي ??سٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. سرڪاري خابرو ايجنسي ۽ سرڪاري نشرياتي اداري مطابق شينزو-19 خلائي ??سٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان بردار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي ??سٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي موجب شينزو 19 جي عملي ۾ 34 سالن جي وانگ هاز ??ه شامل آهي جيڪا چين جي واحد عورت خلائي ??نجنيئر آهي هوءَ عملي جي مشن ۾ حصو وٺندڙ ٽين چيني عورت آهي. سي سي ٽي و?? ٻڌايو ت?? خلائي ??ملي جي مشن ۾ چنڊ جي مٽي مان سرون تيار ڪرڻ جو تجربو به شامل هوندو، خلا ۾ مواد جي چر پر تي وڌيڪ لاڳت سبب چيني سائنسدانن کي اميد آهي ته هو چنڊ جي مٽي کي مستقبل ۾ بيس (اڏي) جي تعمير لاءِ استعمال ڪري سگهندا. تيانگونگ جنهن جو بنياد ماڊيول 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، اٽڪل 10 سال تائين استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي. ياد رهي ته شينزو 19 چين جي انسان بردار خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.
چين پاران انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔