جنيوا-11 آڪٽوبر (اي پي پي) سع??دي عرب چيو آھي ته ملڪ ۾ عورتن کي با اختيار ۽ سرگرم شهري بڻائڻ لاءَ 50 کان وڌيڪ سڌارا آندا آھن. پرڏيھي ميڊيا موجب اھا ڳالھه سع??دي عرب جي انساني حقن واري ڪميشن جي صدر ڊاڪٽر ھالا التويجري گذريل ڏينھن جنيوا ۾ عورتن خلاف متڀيد واري سلوڪ جي خاتمي بابت ڪميٽي جي 89 هين اجلاس ۾ پنھنجي خطاب دوران چئي. ڊاڪٽر ھاله چيو ته سع??دي عرب ۾ ان حوالي سان جن س??ارن تي عمل ڪيو ويو آھي انھن ۾ سوشل سيڪيورٽي جي قانون ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ ريٽائرمينٽ جي حد 60 سال ڪرڻ پڻ شامل آھي. ھن چيو ته ليبر قانون ۾ به ڪجھه تبديلون ڪيون ويون آھن جن ۾ عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اھم نڪتن جو اضافو ڪيو ويو آھي. مردن ۽ عورتن وچ ۾ اڻبر??بر?? واري سلوڪ کي ختم ڪري بر??بر?? جا حق ڏنا ??يا آھن. سندس چوڻ ھو ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عھد شھزاده محمد بن سلمان جي ھدايت تي عمل ڪندي عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان ھاڪاري اڳڀرائي ٿي آھي ۽ ملڪ ۾ عورتن کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۽ بر??بر?? لاءِ قانوني ترمي??ون ڪيون ويون آھن. جنھن سان عورتن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ ۾ سھولت ملندي ۽ ڪنھن به قسم جي متڀيد واري سلوڪ جو خاتمو ٿيندو.
عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ 50 سڌارا آندا آھن: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena