قاهره -11 سيپٽمبر (اي ??ي ??ي) يور??ي ??ونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي ته اسرائيل ٻه رياستي حل کي ناممڪن بڻائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عرب ليگ جي پرڏيهي وزير جو 162 هون باقاعده اجلاس مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ ليگ جي هيڊ ڪواٽر ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ يور??ي ??ونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل جي حڪومت ٻه رياستي حل لاءِ سنجيده ناهي ان جو اهو رويو ٻه رياستي حل کي ناممڪن بڻائي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ فوري جنگ بندي لازمي آهي. هن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ مصر، آمريڪا ۽ قطر طرفان ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن سميت غزه پٽي ۾ انساني اهنجن جي خاتمي ۾ يور??ي ??ونين جي ڪردار، تباهه ڪن??ڙ انساني صورتحال ۽ ان لاءِ مڪينزم تي ڳالهيون ڪيون. هن رفع ڪراسنگ سميت غزه جا سمورا رستا کولڻ تي پڻ زور ڀريو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج