رياض-01 فيبروري(اي پي پي) سعودي عرب ۾ بدعنواني جي خاتمي واري اداري نزاهته بدعنواني جي الزامن ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهديدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اردو نيوز جي رپورٽ موجب حر??ست هيٺ ماڻهن ۾ قاضي، عدالت جو ڪاتب، گورنريٽ جا اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عهديدار ۽ حڪومتي اهلڪارن کانسواءِ پرڏيهي ماڻهو به شامل آهن. عدل واري وزارت جي تعاون سان اينٽي ڪرپشن اداري جي ٽيمن هڪ ڪمشنري جي نوٽري پبلڪ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر کي سرڪاري زمين کي پنهنجي رشتيدار جي نالي منتقل ڪرڻ جي الزام ۾ حر??ست ۾ ورتو. انهي ڪيس ۾ هڪ ??ڳوڻي جج کي به حر??ست ۾ ورتو ويو. جج تي زمين جي منتقلي ڊيڊ جي تصديق ڪرڻ تي 10 ملين ريال وصول ڪرڻ جو الزام آهي. ان کانسواءِ نوٽري پبلڪ جي ٻن وڌيڪ اهلڪارن کي به گرفتار ڪيو ويو، هنن زمين جي ليز جاري ڪرائڻ ۾ تعاون ڪرڻ تي مبينه طور تي 50 لک ريال وصول ڪيا، بدعنواني جي ٻي ڪيس ۾ بلديه جي هڪ ??هلڪار کي حر??ست ۾ ورتو ويو، ٽئين ڪ??س ۾ به نوٽري پبلڪ جي ڊائريڪٽر ??ي جعلي دستاويزن تي زمين جي وڪري جا دستاويز جاري ڪرائڻ ۽ ان کي 1.2 ملين ريال ۾ وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ حر??ست ۾ ورتو ويو، چوٿين ڪ??س ۾ هڪ گورنريٽ جي اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو جنهن تي غير قانوني طور تي 16 ترقياتي منصوبن جو ٺيڪو جاري ڪرايو جنهن جي منافعي جي ماليت 2.65 ملين ريال هئي. ٻين ڪ??سن ۾ جيل جي هڪ ميجر رينگ جي آفيسر کي حر??ست ۾ ورتو ويو.
سعودي اختيارين بدعنواني جي الزامن ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهديدارن کي گرفتار ڪري روتو
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔