پئرس-12 جنوري (اي پي پي) عالمي توانائي ايجنسي (آ??ِ اي اي) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 2023ع ۾ تجديد جوڳي توانائي (ريونيو ايبل انرجي) ۾ 50 سيڪڙو ا??افو ٿي ويو. اردو نيوز موجب عالمي توانائي ايجنسي گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته ايندڙ 5 سال ۾ متبادل توانائي جي پيداوار ۾ وڏو ا??افو متوقع آهي. عالمي توانائي ايجنسي چيو ته دنيا جي توانائي جي نظام ۾ گذريل سال شامل ڪيل تجديد جوڳي توانائي ۾ 50 سيڪڙو ا??افو ڏٺو ويو، بيا?? ۾ ??يو ويو ته سولر پي وي ذريعي سڄي دنيا ۾ توانائي ۾ ٽيڻ ت?? اضافو ٿيو، اهڙي طرح 510 گيگاواٽس تائين پهچي وئي. عالمي ايجنسي موجب چي?? ۾ ??ذريل سال سڀ کان وڌيڪ سولر انرجي پيدا ڪئي وئي جيڪا ايتري توانائي جي برابر هئي جيڪا سڄي دنيا ۾ 2022ع ۾ سج جي روشني سان پيدا ڪئي وئي هئي. چين هوا مان حاصل ڪيل توانائي ۾ هر سال 66 سيڪڙو ا??افو ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته يورپ، آمريڪا ۽ برازيل ۾ به گذريل سال رڪارڊ رينيوايبل انرجي پيدا ڪئي وئي. عالمي توانائي ايجنسي جي سربراهه فاتح بيرول چيو ته موجوده ??اليسيون ۽ مارڪيٽ جي صورتحال اها ظاهر ڪري ٿي ته دنيا ان حوالي سان 2030ع لاءِ رکيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي رستي تي گامزن آهي.
تجديد جوڳي توانائي ۾ 2023ع ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو: توانائي واري عالمي ايجنسي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات