گڏيل قومون -30 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن ايٽمي تجربن کي اجتماعي خودڪشي قرار ڏي??دي خبردار ڪيو آهي، ته ??يٽمي تجربن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي وڌيڪ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش گذريل ڏي??هن ايٽمي تجربن خلاف عالمي ڏي??هن تي پنهنجي پيغام ۾ اهم ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته ??هي ان عالمي معاهدي جي توثيق ڪن جنهن ۾ پرامن ۽ فوجي مقصد ٻنهي لاءِ ايٽمي تجربن تي پابندي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته هلندڙ سال اسان کي عالمي سطح تي عدم اعتماد ۽ ورهاڱي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن سڄي دنيا ۾ اٽڪل 13 هزار ايٽمي هٿيارن جو ذخيرو آهي ۽ اهي ملڪ پنهنجي صلاحيتن، رسائ??، ۽ تباهه ڪن طاقت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ ڪم ??ري رهيا آهن. اهو مڪمل تباهي جو هڪ نسخو آهي ان لاءِ ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا لاءِ ايٽمي تجربن تي پابندي جو جامع معاهدو (سي ٽي بي ٽي) اسان جي جدوجهد ۾ هڪ بنيادي قدم آهي. اهو معاهدو سيپٽمبر 1996ع ۾ صحيحين لاءِ پيش ڪيو ويو پر اڃا تائين ان تي عمل ٿيڻو باقي آهي. ڇاڪاڻ ته ??ن تي 40 مخصوص ايٽمي ٽيڪنالاجي رکندڙ ملڪن طرفان صحيحيون ۽ توثيق ٿيڻ گهرجي جن مان 8 ملڪ پاڪستان، ڀارت، ايران، چين، مصر، اسرائيل، اتر ڪوريا ۽ آمريڪا اڃا تائين ان جي توثيق ناهي ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل معاهدي جي توثيق نه ڪندڙ ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته ??هي بنا ڪنهن شرط جي ايٽمي تجربن تي پابندي جو جامع معاهدي سي ٽي بي ٽي جي فوري توثيق ڪن.
ايٽمي تجربن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ