اسلام آباد – 07 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آذربائيجان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فر??خدلاڻي امداد تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان پاران 2 ملين ڊالر جي امداد جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان چوماسي دوران معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتن جي ڪري شديد ترين ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان سان گڏوگڏ ماڻهن جي ذرائع معاش ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ان جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهن کي امداد جي فر??همي ۽ انهن کي محفوظ جاين تي ??نتقل ڪرڻ جون ڪارروايون تمام محدود رهيون آهن. وزيراعظم ت??انائي سميت مختلف شعبن ۾ آذربائيجان سان پاڪستان جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن تي ??ڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. آذربائيجان او آءِ سي جي ڄمون ڪشمي?? بابت رابطا گروپ جو هڪ اهم ميمبر اهي. ٻنهي ملڪن جي عوام ديني ۽ ثقافتي ??ابستگي ۽ گهري تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهي.
وزيراعظم جي آذربائيجان جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná