اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اڱاري تي 2 ڏينهن (23 کان 24 آگسٽ) تي قطر جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان دوحه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي وزيراعظم جو قطر جو دورو پاڪس??ان ۽ قطر جي ٻن طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علاقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعا??ن جي فروغ لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. عهدو سنبهالڻ کان پوءِ وزيراعظم جي قطر جي پهرين دوري سان پاڪس??ان ۾ زراعت، قابل تجديد توانائي، هوابازي، انفرااسٽرڪچر، سياحت، لائف اسٽاڪ، روزمره استعمال جي برآمدي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطري سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. قطر جي دوري دوران وزيراعظ?? قطر جي امير ۽ قطر جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف قطر جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر