نوشهره – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻو?? متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻ??هر تعمير جي لاءِ خيبر پختون خواهه جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري، ٻو?? متاثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، پوري قوم دل کولي متاثرين جي امداد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشهره ٻو?? متاثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي مردان پل تي ضلعي عملدارن پاران ٻوڏ جي حوالي سان بريفنگ ڏ??ي وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوشهره جي علائقي ۾ ٻوڏ سبب اٽڪل هڪ لک 50 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، ٻو?? متاثرين جي امداد لاءِ 100 امدادي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، ڪئمپن ۾ 25 هزار جي لڳ ڀڳ متاثرين موجود آهن، خيبرپختونخواهه حڪومت ٻو?? متاثرين جي لاءِ امدادي رقم ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي، ٻوڏ جي وقت سر اطلاع جي ڪري آبادي کي وقت سر محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو، حفاظتي بند پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ٻوڏ ريلو برداشت ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻو?? متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻ??هر تعمير جي لاءِ صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪري. ٻو?? متاثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن چيو ته پوري قوم دل کولي متاثرين جي امداد ڪري. پاڪستاني قوم سدائين مشڪل وقت ۾ پنهنج?? ڀائرن جي دادرسيءَ ڪئي آهي. فوجي ۽ سول ادارن ۽ فلاحي تنظيمن ٻو?? متاثرين جي امداد جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو.
ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ خيبر پختون خواهه جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی