اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فرا??م ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊونيش??ا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستاني وفد انڊونيش??ا جو دورو ڪيو ۽ انڊونيش??ا جي واپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل سان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊنيشيا ۽ ملائيشيا کان پاڪستان پهچندا، انڊونيشيا کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل پاڪستان کي فرا??م ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود انڊنيش??ا جي هم منصب سان معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي انڊونيش??ا جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ٿيندو. انڊونيش??ا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد جان محمد به شام?? هئا.
وزيراعظم جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم