ملتان – 07 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي جنهن جي تدارڪ لاءِ وزيراعظم عمران خان احساس ڪفالت پروگرام جو آغاز ڪيو آهي ان پروگرام تحت احساس راشن رعايت منصوبي جو به بنياد رک??و ويو آهي، حڪومت ڏکڻ پنجاب ۾ احساس محرومي جي خاتمي لاءِ عملي قدم ??ڻندي ميگا پراجيڪٽس جو بنياد رکيو آهي جنهن ۾ نشتر ٽو ۽ سب سيڪريٽريٽ پراجيڪٽ به شامل آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثا??يه نشتر سان گڏ ڪمشنر آفيس ۾ اسيمبلي ميمبرن ۽ ضلعي کاتن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪمشنر ڊاڪٽر ارشاد احمد، ڊپٽي ڪمشنر عامر ڪريم خ??ن، اسيمبلي ميمبرن ملڪ عامر ڊوگر، ابراهيم خ??ن، جاويد اختر انصاري، انفارميشن بابت خاص مددگار نديم قريشي، سليم لابر، سبين گل، ايم اين اي احمد حسن ڊيهڙ، واصف مظهر ران، وسيم خ??ن بادوئي، ميان طارق عبدالله، ظهير الدين عليزئي به شريڪ هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت جي ساک جي بهتري لاءِ کاتا وڌيڪ منفرد قدم متعارف ڪرائين ته جيئن عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ترقي تي حڪومت جو خصوصي فوڪس آهي ۽ ان سلسلي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ اربين روپين جي منصوبن جو بنياد رک??و ويو آهي. حڪومت نشتر ٽو ۽ سب سيڪريٽريٽ جا ميگا پراجيڪٽس ڏنا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي جنهن جي اثرن کان عوام کي بچائڻ لاءِ احساس راشن ۽ احساس سبسڊي پروگرام جو به آغاز ڪ??و ويو آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته عوام کي سڌو سنئون رليف ڏيڻ لاءِ بنا فرق جي صحت ڪارڊ متعارف ڪرا??و ويو آهي، صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج بنا معاوضي فراهم ڪ??و ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر ڊاڪٽر ثا??يه نشتر چيو ته 3 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ خاندان احساس ڪفالت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪري چڪا آهيون جڏهن ته 80 لک خاندانن کي 12 هزار روپيا ماهوار امداد ڏني پئي وڃي. ڊاڪٽر ثا??يه نشتر چيو ته احساس ڪفالت پروگرام عوام کي رليف ڏيڻ جو انقلابي منصوبو آهي احساس پروگرام تحت تعليمي وظيفا، راشن رعايت منصوبو به جاري آهي. احساس راشن پروگرام تحت خصوصي سبسڊي به ملندي جڏهن ته 2 ڪروڙ خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ مقصد آهي. ڊاڪٽر ثا??يه نشتر چيو ته دڪاندارن کي سمورين ضروري کاڌي پيتي جي شين جي وڪري تي 8 سيڪڙو ڪميشن ملندي.