اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته خيبرپختونخوا ص??بي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، قبائلي علائقن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي، فاٽا ضم ٿيڻ تي علائقي واسين جي جذبن کي سمجهون ٿا، ڏسڻو اهو آ??ي ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌنداسين. پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي چڱن مڙسن جي ا??لاس کي خطاب ڪندي هن قبائلي چڱن مڙسن جو پارليامينٽ هائوس اچڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته قبائلي عوام جي پاڪستان ??ي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ڇو ته اتي جي عوام هڪ جنگ مان نڪري آئي آهي، هن چيو ته اسان فاٽا جي ترقي کي پوري پاڪستان جي ترقي سمجهون ٿا، قبائلي چڱن مڙسن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي، هن چيو ته قبائلي ضلعن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، فاٽا جي ترقي ۽ بحالي ??ي لاءِ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان پوري ??وشش شروع ڪري ??ڏي آ??ي ته جيئن ضم ٿيل قبائلي علائقن جي عوام کي انهن جو حق ملي سگهي.
خيبرپختونخوا صوبي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ