اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي سا?? گڏ اي??ان جي نئين چونڊيل ??در سيد ابراهيم رئسي سان ته??ان ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دو??ان ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان اي??ان لاڳاپا، علائقائي ترقي، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي جامع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين اي??ان جي نئين چونڊيل ??در جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اي??ان ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عم??ان خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ??يراني صدر سان ملاقات دو??ان پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي اي??ان جي نئين چونڊيل ??در لا??ِ پاڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ وزيراعظم پا??ان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳ??پا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ واپار جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته اي??ان سان بلوچستان جي سرحدي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان موقعي تي ايراني صدر چيو ته علائقائي واپار جي فروغ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.
سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي ايران جي نئين چونڊيل صدر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ