اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پراڊڪٽس جي ويليو ايڊيشن ۽ پراسيسنگ سهولتون بهتر بڻائي عالمي منڊي ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفارتخانا واپاري نمائشون منقعد ڪري ملڪي معيشت جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ واپار واري وزارت ۽ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ترشاوه ميون جي نمائش (سائيٽرس شو 2021ع) کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ اهڙي تحقيق جي ضرورت آهي جيڪا مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هجي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ زر??ي ملڪ آهي، موسمي ۽ ٻين ميون جي پ??ڪنگ ۽ اسٽوريج سهولتون بهتر بڻائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ترقي يافته ملڪ مستقبل جي منصوبابندي ڪندا آهن، معياري زر??ي دوائن ۽ بهتر سارسنڀال ذريعي اسان زر??ي معيشت ۾ تمام گهڻو اضافو ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ميون جي پ??داوار ۾ اضافي جي لاءِ يونيورسٽين ۾ مارڪيٽ لاڳو جوڳي تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي نامياتي فارمنگ ۽ زر??ي دوائن کان آگاهه رهڻ جي ضرورت آهي ڇو ته دنيا اها حقيقت ڄاڻي ٿي ته زر??عت جي لاءِ اهي شيون اهميت رکندڙ آهن. هن چيو ته اهڙا سمورا عمل جيڪي آرگينڪ فارمنگ يا محفو?? آبادگاري کي فروغ ڏين ٿا جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اهي ملڪ جيڪي خوراڪ ۾ پاڻڀرا آهن، اسٽريٽجڪ طور تي تمام گهڻو محفوظ آهن. صدر چيو ته ترقي يافته ملڪ تمام گهڻو اڳ پنهنجي لاءِ هڪ اهڙو نظام اختيار ڪري ورتو هو جنهن سان اهي هڪ ٻئي جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ ۾ واپار ڪري رهيا آهن، 30، 40 سال اڳ اها ڳالهه اطمينان جوڳي هئي پر آبادي ۾ اضافي سان گڏ پاڻي جي کوٽ ٿي. اسان کي پاڻي جي تحفظ سان گڏ حياتياتي واڌويجهه تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته زر??عت جو جي ڊي پ?? ۾ 22 سيڪڙو حصو آهي جنهن سان اٽڪل 42 سيڪڙو ليبر واڳيل آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ ا ضافو ٿيو آهي جڏهن ته ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي پ??داوار ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ 1.5 سيڪڙو ماڻهو زر??عت سان واڳيل آهن پر ان جي في ايڪڙ پيداوار تمام وڌيڪ آهي ۽ ان جي ليبر صنعت طرف منتقل ٿي آهي. روس ۽ ٻين ملڪن ۾ به افرادي قوت صنعت طرف وئي جڏهن ته انهن ملڪن زر??ي مشينري سان گڏ پنهنجي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪيو ۽ هاڻي انڊسٽري کان ليبر ۽ اسڪلڊ ليبر آءِ ٽي طرف وڃي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي به ان س??سلي ۾ تياري ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پنهنجي پراڊڪٽس جي ويليو ايڊيشن ۽ پراسيسنگ سهولتون بهتر بڻائي عالمي منڊي ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج