اسلام آباد ??? 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ غلطيون ڪري جنگين جو حصو بڻياسين ۽ وڏو نقص??ن کنيو، پاڪستان هاڻي ڪ??هن به جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو، اسان امن ڪرائيندڙ ملڪ بڻجنداسين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ ايران جي دوستي ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون جنگ ڪو به کٽي نٿو سگهي، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، هنرمند نوجوان پروگرام تحت کين اعليٰ تعليم ۽ هنر فراهم ڪنداسين ج??هن سان هو ملڪ کي سپر پاور بڻائي سگهن ٿا، مدرسن جي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اتي به فني سکيا سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان سڄي مسلمان دنيا لاءِ مثال بڻجندو ۽ قيادت ڪندو، ماضي ۾ اسان ڪ??هن ٻي جي جنگ ۾ حصو بڻجي تمام گهڻو نقص??ن کنيو، هاڻي پاڪستان ڪ??هن جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ هي اهو ملڪ بڻجندو، جيڪو ملڪن جي اندر امن پيدا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنرمند پاڪستان پروگرام جي باقاعده آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو
پاڪستان هاڻي ڪنهن به جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : quina acumulada