لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چ??و آهي ته مسلم ليگ (ن) اسٽين ليس اسٽيل وانگر ڌوپجي چڪي آهي، ڪجهه ناڪام سياستدان مسلم ليگ (ن) ?? ادارن جي خلاف ڇڪتاڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن جو چور دروازو کلي وڃي پر اهي مايوس ٿيندا، ملڪ جي ترقي جي لاءِ امن ۽ استحڪام تمام ضروري آهي، ادارن ۾ ڪو ٽڪراءُ نه آهي، موجوده حڪومت پارليامينٽ جي 5 سالا مدي جي حرمت کي بحال ڪيو. هو ايڪسپو سينٽر ۾ يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اهتمام هيٺ ٻي عالمي بزنس ڪانفرنس ۽ نمائش کي خطاب ۽ صحافي?? سان ڳال??ائ?? رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته 2013ع ۾ ملڪ جي معيشت ٻڏي چڪي هئي جڏهن پاڪستان ۾ ڪير به سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو پر هاڻي هتي سيڙپڪاري سان گڏوگڏ ملڪ ترقي ڪري ره??و آهي ۽ جيڪڏهن ترقي جي اها ئي رفتار جاري رهي ته 2025ع ۾ پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي 20 وڏين معيشتن ۾ ٿيندو.
ملڪ جي ترقي جي لاءِ امن ۽ استحڪام تمام ضروري آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : رومن دولت