انقره ، تهران _3 ڊسمبر (اي پي پي ) ترڪيه ۽ ايران شام جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ شام کي دهشتگردي جو ڳڙهه بڻجڻ نه ڏينداسين . پرڏيهي ميڊيا مطابق شام کان پنهنجي ف??ري د??ري تي ترڪيه پهچڻ بعد ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي ترڪيه جي هم منصب هاڪا?? فيدان سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ملاقات بعد هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيف ايراني سفارتڪار ايران ۽ شام وچ ۾ ان ??الهه تي زور ڀريو ته شام کي دهشتگرد گروپ جو ڳڙهه بڻجڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي. هن شام ۾ دهشتگرد تنظيمن تي اسرائيل ۽ آمريڪا سان سهڪار حاصل ڪرڻ جو الزام لڳايو پر سندس ترڪيه جي هم منصب اهو الزام رد ڪري ڇڏيو. هن ان ??الهه تي پڻ زور ڀريو ته شام جي خطرناڪ صورتحال خطي جي سمورن ملڪن کي متاثر ڪندي. هن نشاندهي ڪئي ته آستانه معاهدي جي حوالي سان ترڪيه ۽ ايران جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي . هن شام بابت علائقائي مش??ري جي اهميت تي زور ڏيندي شام جي حڪومت ۽ ان جي فوج جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
شام کي دهشتگردي جو ڳڙهه نه بڻجڻ ڏينداسين: ايران – ترڪيه جو اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر