ٽوڪيو-28 مارچ (اي پي پي)جاپان ۾ اضافي ڊائٽ غذا”بيني ڪوجي“ گوري جي استعمال سبب ٻه ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 100 کان وڌيڪ اسپتال ۾ داخل آهن، ميڊيا رپورٽن موجب جاپان جي صحت واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بيني –ڪوجي جي استعمال سبب ٻه ماڻهو ??وت ٿيا آهن،موت جو وڌيڪ ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي،فوت ٿي ويلن مان هڪ شخص ڄاڻايل گوري اپريل 2021 ک??ن فيبروري 2024 جي وچ ۾ استعمال ڪئي هئي. ڪوباياشي ف??رم??سوٽيڪل ڪمپني جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بيني-ڪوجي ۾ ڳاڙهي رنگ جي چانور جو خمير شامل آهي جڏهن ته گوري جي استعمال کان پوءِ 100 ماڻهو اسپتال ۾ داخل ٿي چڪا آهن،اڪثر مريضن جا گڙدا ختم ”فيل“ ٿي ويا آهن، جاپاني ڪمپني ڄاڻايل دوا” گورين“ کي مارڪيٽ مان واپ?? گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت