تهران- 29 جنوري (اي پي پي) ايران هڪ ڏينهن ۾ هڪ ئي وقت 03 مصنوعي سياره خل?? ۾ اماڻي ڇڏيا آهن. العربيه نيوز ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 03 سياره ايران جي دفاع واري وزارت جي تيار ڪيل سي مرگ نالي سيٽلائيٽ ڪيريئر ريڪيٽ ذريعي خل?? ۾ اماڻيا آهن. انهن ٽنهي سيارن مان هڪ ??و وزن 32 ڪلوگرام آهي جڏهن ته باقي ٻن سيارن ??و وزن 10-10 ڪلو کان گهٽ ٻڌايو پيو وڃي. انهن سيارن مان هر هڪ کي 450 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تائين ا??اڻيو ويو آهي جڏهن ته انهن سان لڳايل 02 ننڍڙيون ڊوائيسز جيو پوزيشننگ ۽ مواصلاتي رسائي جو ڪم ڪنديون. ايران ا??هن سيارن مان سڀ کان وڏي سياري جو نالو مهدا ڏنو آهي. جيڪو خل?? ۾ وڏي مقدار ۾ ڪارگو کڻي وڃڻ لاءِ سي مرگ راڪيٽ جي اهليت جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ڪندو.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina