گڏيل قومون – 31 مئي (اي پي پي) ايٽمي توانائي جي عالمي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه چيو آهي، ته يوڪرين ۾ واقع يورپ جي سڀ کان وڏي ايٽمي بجلي گهر جي صورتحال انتهائي نازڪ ۽ خطرناڪ ٿي چڪي آهي ۽ ان جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گ??رج??. روس جي اخبار مطابق انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريا نوگروسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو آهي، ته ذاپوريزيا نيوڪليئر پاور پلانٽ جي چوڌاري روس ۽ يوڪرين ج?? فوج جون سرگرميون مستقبل قريب ۾ تمام گهڻيو وڌي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان خوشقسمت آهيون جو اڃا تائين ڪو ايٽمي حادثو ناهي ٿيو، پر موجوده صورتحال جاري رهي ته ڪنهن ڏينهن اسان جي خوشقسمتي ختم ٿي وي??دي?? انهي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي طاقت مطابق هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گ??رج?? ته جيئن ان خدشي کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. رافيل گروسي ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته زاپوريزيا ايٽمي بجلي گهر طرف يا ان خلاف ڪنهن به قسم جو حملو نه ٿيڻ گ??رج??، خاص طور تي ري ايڪٽرز، ٻارڻ جي خرچ ٿيل ذخيري ۽ اهلڪارن کي نشانو نه بڻائڻ گ??رج??. هن چيو ته ايٽمي بجلي گهر کي ٽينڪن ۽ آرٽلري سسٽمز جهڙن وڏن هٿيارن جي ذخيري يا اڏي طور استعمال نه ڪرڻ گ??رج??، هن چيو ته ان هنڌ ک?? فوجين کان پاڪ هئڻ گ??رج??. هو گڏيل قومن ۾ روس جي ايلچي ويزيلي چيو آهي ته سن??س ملڪ پلانٽ جي ايٽمي ۽ فزيڪل حفاظت کي وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. هن خبردار ڪيو ته زاپوريزيا ۽ ويجهي شهر انرگودار تي ٿيل حملن جو سخت جواب ڏنو ويندو. هن يوڪرين جي حڪومت جي ان دعويٰ کي به رد ڪيو ته روس ان پلانٽ کي پنهنج?? فوجين لاءِ ڍال طور استعمال ڪري رهيو آهي.
يوڪرين ۾ يورپ جي سڀ کان وڏي ايٽمي بجلي جي گهر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي چڪي آهي: آءِ اي اي اي جو سربراهه
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا