اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي اجازت کانسواءِ قومي فضائي ڪمپني پي آءِ اي جي نجڪاري کان روڪڻ جو پنهنجو اڳوڻو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن پي آءِ اي جا وڌيڪ شيئرز سستن اگهن تي ??ڪرو ڪرڻ جي خبرن تي ??اڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار نجڪاري جي عمل کي روڪڻ جي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ??ڊي??ل ڪميشن ٺاهڻ، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ پي آءِ اي جي وڏن نقصانن جي سببن ??ي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. حڪم نامي ۾ حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ پي آءِ اي جي نجڪاري کي اڳتي ??ه وڌايو وڃي. تنهن هوندي به سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪالهه هڪ مختصر ٻڌ??ي ۾ پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو، جنهن سان قومي ايئر لائن جي نجڪاري ڪرڻ جي حڪومتي ??نصوبي جي راهه هموار ٿي وئي.
سپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي نجڪاري بابت پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil