اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هاڻ تائين ڪارڪردگي جو جائزو، جاري ۽ مستقبل جي رٿائن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي، ڪاروبا??ي سرگرمين ?? پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ اين ايڇ اي جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ روڊ نيٽ ورڪ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جو موجوده روڊ نيٽ ورڪ سيڙپڪاريءَ لاءِ اهم علائقن وچ ۾ رابطن جي سهولت فراهم ڪري ٿو، روڊ نيٽ ورڪ جي وڌيڪ بهت??ي سان معاشي ۽ ڪاروبا??ي سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. روڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتريءَ سان پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته شاهراهن جي تعمير جا نوان منصوبا نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ انتهائي پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد کان سکر موٽر وي ايم-6 ۽ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايم-9 کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعم??ر ڪ??ي سگهجي ٿو، ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شاهراهن جا منصوبا به نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته مانسهره کان ڪاغان، ناران روڊ کي موٽر وي جي طرز تي بڻايو ويندو، اين ايڇ اي پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي سگهي ٿو. اين ايڇ اي جي روينيو ۾ واڌ سان ملڪي ناڻي تي بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته اين ايڇ اي ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ?? حصو وٺي پنهنجي روينيو ۾ واڌ ڪ??ي سگهي ٿي، ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ?? حصو وٺڻ لاءِ اين ايڇ اي قانوني طريقو ڳولي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان