اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پراڻي حصيداري کي ??اراهيندي زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوڍاڻي روڊز ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر مساتسوگو آساڪاوا هڪ وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پراڻي حصيداري کي ??اراهيندي وزيراعظم اي ڊي بي ج?? وفد کي پاڪستان حڪومت پاران متعارف ڪرايل سڌارن جي سلسلي بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، توانائي ج?? شعبي ج?? مالي استحڪام کي ??هتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي ج?? تباهي آڻيندڙ اثرن جي خلاف قدمن، غيرهدف شده سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ کي وڌائڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته هو انهن سڌارن جي اڳڀرائي ج?? ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن جي ڪامياب لاڳو ۽ ڊگهي مدي وارن اثرن کي يقيني بڻائي سگهجي ج??ڪي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران 1.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراخدلاڻي مدد کي ??اراهيو. هن زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر خيالن جو اظهار ڪندي ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان پاڪستان جي هڪ باني ميمبر جي حيثيت سان ڊگهي وابستگي کي ??اراهيو. هن جامع سڌارا آڻڻ تي پاڪستان حڪومت کي ??اراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ بئنڪ جي مسلسل حمايت جي عزم جو ور??اءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، ماحولياتي تبديلي ج?? شعبي ۾ ۽ اداراجاتي سڌارن ۾ تعاون وڌائڻ جي بئنڪ جي عزم جي تجديد ڪئي. منصوبابندي، ترقي واري وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ۽ اي ڊي بي ج?? صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ترقي ج?? منصوبي ج?? حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا اهي ٻئي منصوبا ٻوڏ سان تباهه ٿيل علائقن جي بحالي بابت آهن.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ 400 ملين ڊالرز ڏيندي، منصوبي تي صحيحُون، 320 ملين ڊالر خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ترقي جي منصوبي لاءِ ڏنا ويندا، تقريب ۾ وزيراعظم ۽ اي ڊي بي صدر جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا