اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان برادر ملڪ ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پڪاسي س??ن الوداعي ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. ناڻي و??ري و??ير پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي س??راهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جي??ي گڏيل قدمن ۽ ثقافت جي عڪاسي آهن. ناڻي و??ري و??ير ترڪيه جي و??پار واري و??ير جي قيادت ۾ واپاري وفد جي تازو پاڪستان جي دؤري جو به ح??الو ڏنو ۽ چيو ته ان دؤري دوران توانائي، زراع??، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيون راهون تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي ترڪيه جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل تعاون ۽ حمايت کي س??راهيو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ شين ۾ واپار جي گڏيل معاهدي جو به ح??الو ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف جي حوالي س??ن اهم قدم آهي. هن حڪومتي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي وڌيڪ قدمن جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي و??ري و??ير عهدو ڇڏيندڙ سفير لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پائيدار دوستي لاءِ پنهنجو ڪردار ايندڙ وقتن ۾ به جاري رکندو. هنن گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا