حيدرآباد-21 آگسٽ (اي پي پي) حضرت شا??ه عبدالطيف ڀٽ??ئي رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي ٻئي ڏينهن سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڀٽ شا??ه درگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا ۽ فاتح خواني ڪئي، ان موقعي تي ساڻس ثقافت وارو صوب??ئي وزير سيد ذوالفقار علي شا??ه ساڻس گڏ هو. درگاهه تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳ??له??ئيندي ۽ ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شا??ه عبدالطيف ڀٽ??ئي جي شاعري ۾ جيڪو فلسفو آهي اڄ جي دور ۾ ان فلسفي کي هٿي ڏيڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. شا??ه سائين جي فلسفي ۾ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ملي ٿو.
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايڇ ٽي سورلي هال ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته ناانصافيين ۽ ڏاڍ جي ان دور ۾ شا??ه لطيف رح جو پيغام ظلم اڳيان نه جهڪڻ ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ آهي. امن، محبت، عورتن جا حق شا??ه لطيف ڀٽ??ئي جي شاعري جو فلسفو آهي. هن چيو ته سنڌ جي شاعرن هميشه بيدار رهڻ ۽ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، شا??ه جو رسالو جيڪو امن ۽ محبت جو منشور آهي دنيا کي هن وقت لطيف سائين جي ان فلسفي ۽ فڪر جي ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مون به غريبن کي نوڪريون ڏيڻ جي ڏوهه ۾ 9 سال جيل ڪاٽي ۽ اسانجي قيادت کي پڻ جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. هن چيو ته سمورا ادارا خود مختيار آهن. ان موقعي تي صوب??ئي وزير سيد ذوالفقار علي ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پوري ملڪ ۾ شا??ه لطيف جي شاعري، فلسفي ۽ پيغام کي ڦهلايو وڃي ته جيئن نوجوان ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. هن سينيٽ چيئرمين کي گذارش ڪئي ته هو چئني صوبن جي گورنرن کي خط موڪلي ته يونيورسٽين ۾ شا??ه جو رسالو رکيو وڃي ته جيئن نوجوان مطالعو ڪري سگهن. صوب??ئي وزير سيد ذوالفقار علي شا??ه، نامور اديب اياز لطيف پليجو، مدد علي سنڌي، تاج جويو ۽ ٻين محققن شا??ه سائين جي فن، فڪر ?? فلسفي تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني درگاهه حضرت شا??ه عبدالطيف ڀٽ??ئي رح جي احاطي ۾ شا??ه جو راڳ پڻ ٻڌو.