دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوشنبي ايئرپورٽ تي ت??جڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري ت??جڪ وزير دل??ر جمعه، تاجڪ پرڏيهي ن??ئب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده، تاجڪستان ۾ پاڪستان جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي ت??ريخي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي ت??ريخي ت??قي جي راهه تي گامزن ڪيو.