بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن (نورينڪو) جي چيئرمين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا ??ائ??اڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. نورينڪو جي چيئرمين محمد شهباز شريف جي پنجاب جي وڏي وزير جي طور ترقياتي منصوبن کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ پنجا?? اسپيڊ جو خصوصي ذڪر ڪيو. نورينڪو جي چيئرمين وزيراعظم جي نگراني هيٺ منصوبن جي رفتار ۽ معيار کي ساراهيندي چيو ته توهان جي سرپرستي ۾ لاهور اورنج ٽرين ميٽرو جو منصوبو وقت سر تيار ٿيو. وزيراعظم نورينڪو جي چيئرمين کي پاڪستان ۾ مواصلات جي منصوبن خاص طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ سيڙپڪا??ي جي دعوت ڏيندي چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪا??ي جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل حڪو??ت جو هڪ اهم ??دم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن