اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي گهري صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صدر ابراهيم رئيسي مسلمان امت جي اتحاد جو وڏو حامي هو، عالم اسلام هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهن??ي تعزيتي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ايراني صدر فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سميت عالمي سطح تي مسلمانن جي درد کي دل سان محسوس ڪندو هو، اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کي وڃائڻ تي سو??وار آهي. هن چيو ته گذريل مهيني اسان کي پ??ڪستان ۾ سندس ميزباني جو اعزاز حاصل ٿيو، اسان جي ڳالهه ٻولهه دوران مون کيس ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم ڏٺ??، آغا رئيسي سدائين پاڪستان ۽ ان جي عوام کي خاص مقام ڏيندو هو، صدر رئيسي جو لاڏاڻو نه رڳو ايران پر پوري مسلمان امت جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته صدر رئيسي کي علائقائي ۽ اسلامي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوششن تي ايران پاڪستان ۽ اسلامي دنيا ۾ ياد رکيو ويندو، الله تعال??ٰ سندس روح کي سڪون عطافرمائي، ناقابل تلافي نقصان جي هن گهڙيءَ ۾ ان جي گهرڀاتين ۽ ايران جي عوام کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي.
صدر آصف علي زرداري پاران ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي صدمي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ