اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظ?? مبارڪباد ۽ نيڪ ??وا??شن تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهب??ز شريف 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پاڪستان جي گذريل دوري کي ياد ڪندي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي ??وا??ش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. تاجڪ صدر اڳوڻي وزيراعظم محمد نو??ز شريف جي لاءِ نيڪ ??وا??شن جو اظهار پڻ ڪيو جنهن تي وزيراعظم ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس