اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، تعيلم ۽ سياحت سميت ??ختلف شعبن ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فرارس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران ??زي??اعظم ٻطرفي اقتصادي ل??ڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ل??ءِ اٽلي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اٽلي سان پاڪستان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن، زرعي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سياحت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اٽلي جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران مثالي تعاون تي ٿورا مڃيا. هن نگران ??زي??اعظم کي پنهنجي سفارتي مدي دوران ٿيندڙ اهم اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ??يو. هن اٽلي جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. نگران ??زي??اعظم عهدو ڇڏيندڙ سفير جي اڳتي جي ذميوارين جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ