اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ريا?? کوکر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ??عز??تي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جي سفارتي خدمتن تي کي?? خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان ??عز??ت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ريا?? کوکر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ريا?? کوکر دنيا جي اهم ترين گادي وارن شهرن جن ۾ واشنگٽن، بيجنگ ۽ دهلي شامل آهن، ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، هن رٽائرمينٽ کانپوءِ به آخري ڏينهن تائين پاڪستاني رياست کي اهم ترين مشورن سان نوازيو ۽ علمي خدمتون جاري رکيون. هن چيو ته مرحوم جي ملڪ جي لاءِ سفارتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ريا?? کوکر مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ