اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، خساري جي ذميواري جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي تهجيئن ان جي ت??ار?? جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد، نگران و??يراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي مالي صورتحال ۽ نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. نگران و??يراعظم پي آءِ اي جي معاملن تي فيصلاسازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. نگران و??يراعظم هدايت ڪئي ته قومي ايئرلائين جي نجڪاري جي عمل کي شفاف ۽ تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. نگران و??يراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام جي ٽيڪسن سان انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي، پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته هو??بازي شعبي جي سڌارن سان عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگهبيون. خساري جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي ت??ار?? جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. نگران و??يراعظم چيو ته نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.
پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : loteria estadual